سپريم ڪورٽ ڪي پي ۾ بنا لائسنس مائننگ تي پابندي هڻي ڇڏي

supreme court

سپريم ڪورٽ ڪي پي ۾ بنا لائسنس مائننگ تي پابندي هڻي ڇڏي، چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بني گالا داد رسي لاءِ ايندڙ پاڻ غير قانوني اڏاوتون قائم ڪيون آهن، جوڊيشل ايڪٽو ازم جو بلڪل شوق ناهي، فرضن ۾ ڪوتاهي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

 چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ مارگلا هلز اسٽون ڪرشنگ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت اسٽون ڪرشنگ بابت سي ڊي اي جا قائدا ۽ ضابطا نه هئڻ تي ڪيڊ واري وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه حدن جي معاملي تي تڪرار آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته 1960ع کان اڄ تائين سي ڊي اي جا قانون ڇو نه ٺاهيا ويا آهن، اسان پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون آهن، اسان کي جوڊيشل ايڪٽوزم جو شوق ناهي، اسان کي پنهنجي اختيارن جي ڄاڻ آهي، جنهن کان ٻاهر نه وينداسين پر فرضن ۾ ڪوتاهي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.

چيف جسٽس چيو ته آفيسر معاملن کي نظرانداز نه ڪن ته هڪ انچ سرڪاري زمين تي قبضو نه ٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته پنجاب ۽ اسلام آباد جون حڪومتون ته ڀائر آهن، ٻئي ڀائر گڏجي مسئلي کي حل ڪن.

سندس چوڻ هو ته عدالتي حڪم سرد خاني ۾ نه وڃڻ گهرجن، جيڪو معاملو کڻبو تنهن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*