پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي 70 لک گهٽ ڪئي وئي آهي

mustufa kamal

پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي 70 لک گهٽ ڪئي وئي آهي،جنهن تي وڏي وزير کي آواز اٿارڻ گهرجي پر ائين نه ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت ختم ٿيڻ واري هاڻي حڪمرانن کي ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ياد آيا آهن.

هن چيو ته مان ڪافي وقت کان ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ بابت دانهون ڪندو رهيو آهيان پر ڪير ٻڌڻ لاءِ ئي تيار نه هو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته لياقت آباد واري جلسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪري ثابت ڪيو ته عوام اسان سان گڏ آهي.

هن چيو ته اسان ڪراچي بابت ڪنهن سان ڳالهه ڪريون، وزيراعظم پاڻ کي وزيراعظم نه سمهجي رهيو آهي،هاڻي ته عدالت به ڪراچي جي صورتحال بابت پڇا ڪري رهي آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود اسڪولن جي حالت سڀني جي سامهون آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*