پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي دفاعي اختيارين کان بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي

national assembly

پارليامينٽ جي گڏيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي تي دفاعي اختيارين کان بريفنگ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي پارلياماني ليڊرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي بيان ۽ پاڪستان جي جوابي نظريي تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه، نويد قمر، غلام احمد بلور، بئريسٽر ظفر الله، سينيٽر مشاهد الله ۽ شاهه محمو قريشي سميت ٻين شرڪت ڪئي.

پرڏيهي وزير خواجه آصف ۽ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا موجوده صورتحال تي ميمبرن کي بريفنگ ڏني  ۽ ميمبرن کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ٿيل فيصلن بابت به اعتماد ۾ ورتو.

اجلاس دوران خورشيد شاهه هڪ وڌيڪ اجلاس گهرائي فوجي قيادت جي بريفنگ وٺڻ، ناڻي واري وزير ۽ سيڪريٽري کان معاشي صورتحال تي بريفنگ جي تجويز ڏني.

حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز رد ڪئي ۽ ٽرمپ جي ڌمڪين تي پاڪستان جي جوابي حڪمت عملي تي فوڪ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پارليامينٽ جي سلامتي ڪميٽي جو هڪ وڌيڪ اجلاس ايندڙ هفتي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو  جنهن ۾ فوجي قيادت ۽ ناڻي واري وزارت کان تفصيلي بريفنگ ورتي ويندي.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو ته اجلاس ۾ جن مسئلن تي ڳالهيون ٿيون ته اهڙي قسم جا بيان ڇو اچي رهيا آهن ان کي ڏٺو وڃي، ان معاملي تي اسان کي تمام متوازن جواب ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي کي ڏسڻو آهي ۽ وقار به مجروح  نه ٿيڻ ڏيڻو آهي.

اياز صادق وڌيڪ چيو ته ڪميٽي جو هڪ وڌيڪ اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جيڪو امڪاني طور 11 ۽ 12 جنوري تي ٿيندو، ايندڙ هفتي اجلاس ۾ دفاعي ادارن جي اختيارين کي به گهرايو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*