خيرپور شگرمل اڳيان آبادگارن پاران مقرر اگهه نه ملڻ ۽ غيرقانوني ڪٽوتين خلاف مل جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

khairpur-map10-8

خيرپور شگرمل اڳيان آبادگارن پاران مقرر اگهه نه ملڻ ۽ غيرقانوني ڪٽوتين خلاف مل جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، پوليس لٺبازي ڪري 30 آبادگارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

حسام الدين شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آبادگارن خيرپورشگرمل جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ٽنڊومستي پوليس هوائي فائرنگ ۽ لٺبازي ڪري حسام الدين شاهه سميت 30 آبادگارن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي.

آبادگارن چيو ته جيستائين ڪمند جو مقرر اگهه نه ملندو، تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*