پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف وهاڙي ۾ هلندڙ هڪ منصوبو شهيد عبدالمعيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪندي

Shahbaz-Sharif-221016

 پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف وهاڙي ۾ هلندڙ هڪ منصوبو شهيد عبدالمعيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وطن تي جان قربان ڪندڙ قوم جا هيرو آهن، عبدالمعيد جواني ۾ شهادت ماڻي بهادري ۽ جرئت جو هڪ مثال قائم ڪيو.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف شهيد سيڪنڊ ليفٽيننٽ عبدالمعيد جي گهر پهتو، جتي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف اتروزيرستان ۾ شهيد ٿيل 21 ورهين جي سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي ايثال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج پيش ڪيو.

شهبازشريف پاران وهاڙي ۾ هلندڙ هڪ منصوبو شهيد  عبدالمعيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ان موقعي تي شهبازشريف چيو ته وطن تي جان قربان ڪندڙ قوم جا هيرو آهن، عبدالمعيد جواني ۾ شهادت ماڻي بهادري ۽ جرئت جو هڪ مثال قائم ڪيو.

هن چيو ته پنجاب حڪومت شهيد جي خاندان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ حاضر آهي.

شهبازشريف چيو ته شهيد عبدالمعيد جهڙن پاڪستان جي بهادر پٽن پنهنجي رت سان امن جي نئين تاريخ رقم ڪئي، سندس قرباني رائيگان نه ٿيندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*