تحريڪ انصاف امريڪي صدر جي ڌمڪي خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي

national assembly

تحريڪ انصاف امريڪي صدر جي ڌمڪي خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي ڇڏي، تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاران امريڪا جي ڌمڪين تي ڪو به ٺوس رد عمل نه آيو، ايوان ۾ ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي.

آمريڪي صدر جي ڌمڪي خلاف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر، شيرين مزاري ۽ منزه احسن پاران قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ التوا جمع ڪرائي وئي.

جمع ڪرايل  تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاران امريڪا جي ڌمڪين تي ڪو به ٺوس رد عمل نه آيو، ايوان ۾ ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي

تحريڪ التوا جي متن موجب، آمريڪا، پاڪستان کي لاڳيتو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،

تحريڪ التوا جي متن موجب، ڌمڪين کان پوءِ آمريڪا سيڪيورٽي امداد به بند ڪري ڇڏي.

تحريڪ التوا ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو نالو مذهبي آزادي جي آڙ ۾ واچ لسٽ ۾ وڌو ويو.

متن موجب، آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو هر لحاظ کان پاڪستان کي نشانو بڻائڻ چاهي ٿو.

متن موجب، حڪومت آمريڪا کي موثر جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، معمول جي ڪارروائي روڪي آمريڪي ڌمڪين تي بحث ڪرايو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*