نوابشاهه پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

nawabshah half fry

نوابشاهه پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلو ڪري هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

 کڏهر روڊ ڀرسان ڏوهاري ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ پوليس هڪ ڏوهاري گل بهار برهماڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار جوابدار وٽان هڪ چوري موٽرسائيڪل ۽ پسٽل هٿ ڪيو آهي، جنهنڪري جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو .

ٻئي طرف زخمي گل بهار جو چوڻ آهي ته مونکي قاضي احمد روڊ تي ڳوٺاڻن ٻڌي تشدد ڪري پوليس حوالي ڪيو.

هن چيو ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي سندن گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته جوابدار موٽر سائيڪل چوري جو ڏوهه تسليم ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*