سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني آهي

larkana bhutto salgirah

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه ملهائي  پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام جي حقن لاءِ جان جي قرباني ڏني آهي.

لاڙڪاڻي جي عباسي هائوس ۾ پيپلز ورڪس پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه ملهائي وئي، عباسي هائوس ۾ اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور عباسي، معظم عباسي ۽ ٻين گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

المرتضيٰ هائوس ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران علي احمد پليپوٽو، عنايت عمراڻي ۽ ٻين گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيدن جي مزارن قرآن خوانيءَ  پڻ ڪئي.

قمبر ۾ پيپلزپارٽي ۽ پ پ شهيد پاران ڌارا ڌار آفيس ۾ سالگرهه ملهائي وئي، محمد پنهل سومرو، ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو، محمد جان بروهي ۽ ٻين اڳواڻن سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

اڳواڻن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏئي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي.

هنن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو  ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ڏينهن رات جدوجهد ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*