نيشنل بئنڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ جيل انتظاميا، بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي

National-Bank--Ali-Raza-111217

نيشنل بئنڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ جيل انتظاميا، بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته علي رضا، شگر ۽ سيني جي تڪليف ۾ مبتلا آهي، کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو وڃي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا جي طبي سهولت فراهم ڪرڻ واري درخواست تي جيل انتظاميا پاران جواب داخل ڪرايو ويو.

جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته علي رضا جو جيل اندر علاج ممڪن نه آهي، کيس شگر سان گڏ سيني جي به شديد تڪليف آهي، جنهن جو جيل ۾ علاج ممڪن نه آهي.

جيل انتظاميا سفارش ڪئي ته جوابدار کي فوري طور تي علاج لاءِ اين آءِ سي وي ڊي داخل ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*