اسلام آباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه جو ڪيڪ سينيٽر رحمان ملڪ، فرحت الله بابر ۽ ٻين ڪاٽيو

isb bhutto bday

اسلام آباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه جو ڪيڪ سينيٽر رحمان ملڪ، فرحت الله بابر ۽ ٻين ڪاٽيو، رحمان ملڪ چيو آهي ته اڄ ڀٽو جو نظريو پوري دنيا ۾ آهي جنهن مسلمانن کي گڏ ڪيو، ضياءُالحق۽ان وقت جي حڪومت دستاويز تبديل ڪيا،ثبوٽ موجود آهن، وقت اچڻ تي اهي ثبوت دنيا آڏو سامهون آڻيندس.

اسلام آباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 90 هين سالگرهه جو ڪيڪ سينيٽر رحمان ملڪ، فرحت الله بابت ۽ ٻين ڪاٽيو.

ان موقعي تي رحمان ملڪ چيو ته اڄ ڀٽو جو نظريو پوري دنيا ۾ آهي جنهن مسلمانن کي گڏ ڪيو،

هن چيو ته ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، جنهن کي دنيا جوڊيشل مرڊر چوندي آهي.

رحمان ملڪ چيو ته ضياءُالحق۽ان وقت جي حڪومت دستاويز تبديل ڪيا،ثبوٽ موجود آهن، وقت اچڻ تي اهي ثبوت دنيا آڏو سامهون آڻيندس.

فرحت الله بابت چيو ته ڀٽو هڪ فلسفو ۽ هڪ نظريو آهي،

فرحت بابر چيو ته ڀٽو عوامي طاقت جو محور آهي، ڀٽو اڄ به زندهه آهي، ڀٽو ڪالهه به زندهه هو.

هن چيو ته ڀٽو تي ڪوڙو ڪيس هلايو ويو، ڀٽو جي ڦاهي عوام سان ظلم هو.

فرحت الله بابر چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڦاهي چاڙهيو ويوته هماليا روئيندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*