بالي ووڊ سپر اسٽار ايشوريا راءِ دن اور رات فلم جي ري ميڪ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي، فلم ۾ اڳوڻي مس ورلڊ ڊبل رول ادا ڪندي

ashwariya raye

بالي ووڊ سپر اسٽار ايشوريا راءِ دن اور رات فلم جي ري ميڪ لاءِ 10 ڪروڙ رپيا معاوضي جو مطالبو ڪيو آهي، فلم ۾ اڳوڻي مس ورلڊ ڊبل رول ادا ڪندي.

 ڀارتي نيوز ويب سائيٽ موجب فلمساز پريانا اروڙا جو مقصد بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سنجي دت جي والده نرگس دت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، جيڪا 1950 ۽ 60 ع جَي ڏهاڪي جِي مشهور اداڪارا هئي.

 دن اور رات فلم سندس 1967 ع جي مشهور فلم جو ري ميڪ آهي، جنهن ۾ ممڪنه طور ايشوريا راءِ سان گڏ سنجي دت جلوه گر ٿيندو.

رپورٽن موجب پريانا اروڙا ايشوريا راءِ جي 10 ڪروڙ معاوضي تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*