تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن

imran khan

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، امريڪا 16سالن جي جنگ ۾ ناڪام ٿيو، هاڻ الزام پاڪستان تي مڙهي رهيو آهي، امريڪا جيڪو ڪجهه چئي پيو ان جا ذميوار اسان جا حڪمران آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن،

هن چيو ته امريڪا 16سالن جي جنگ ۾ ناڪام ٿيو، هاڻ الزام پاڪستان تي مڙهي رهيو آهي،

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو ته امريڪا جيڪو ڪجهه چئي پيو ان جا ذميوار اسان جا حڪمران آهن،

هن چيو ته ملڪ جا سياسي اڳواڻ پاڻ ملڪ کي بدنام ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، امريڪا جي چوڻ تي اسان قبائلي علائقا تباهه ڪري ڇڏيا،

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته نواز شريف فوج جي ڊپ کان لڪي ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُالله انتهاپسند گروپن کي پاليندا آهن،

هن چيو ته اصغر خان ڪيس ۾اصل حقيقتون دنيا جي سامهون اچڻ گهرجن، کيس ڪامياب سياستدان سمجهندو آهيان،

عمران خان چيو ته هو ايماندار ، صادق ۽ امين هو. اصغر خان جون سياست  لاءِ وڏيون خدمتون آهن،

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته اصغر خان پنهنجي جماعت پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪئي هئي،

عمران خان چيو ته ملڪ جا ادارا مفلوج بڻجي چڪا آهن، آف شور ڪمپني اڪائونٽس سامهون اچي ويا پوءِبه چيو پيو وڃي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو،

هن چيو ته اسان کي دشمن جي ضرورت ناهي، پنهنجا ليڊر ئي ملڪ کي بدنام ڪن پيا، پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڊرامي باز شهباز شريف آهي، اسان کي ڪنهن ڀارتي لابي جي ضرورت ناهي،

عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جيڪي زيادتيون ٿين پيون ان جو ذميوار نواز شريف آهي، ٻنهي ڀائرن وارو وٺڻ لاءِ امريڪا کي منٿون ڪيون………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*