ايف آءِ اي، سرڪاري فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ خانگي بئنڪن جي 2 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

fia arrest bankers

ايف آءِ اي، سرڪاري فنڊز ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ خانگي بئنڪن جي 2 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪ سرڪل پاران ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري وومين بئنڪ جي اڳوڻي ٽريزري سربراهه محمد خالد ۽ حبيب بئنڪ جي مئنيجرخسرو رشيد کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ اي موجب ٻنهي جوابدارن تي سرڪاري ملڪيتن جي فنڊز واري اڪائونٽس مان بلز ۽ بانڊز ذريعي 39 ڪروڙ رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي.

ايف آءِ اي عملدارن موجب جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*