پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۽ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Accident-Road-27217

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار واقعن ۽ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڪوهيڙي سبب لاهور ۾ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي ٽنهي ڄڻن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا.

هوڏانهن حافظ آباد جي بيرانوالا  بنگلي ويجهو به وين ۽ ڪار ۾ ٽڪرٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

مظفرڳڙهه ۾ ملتان روڊ تي ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار زال مڙس فوت ٿي ويا. جڏهن ته 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا.

ٻي طرف لاهور ۾ وزير خان مسجد ويجهو زبون حال گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ماءُ سميت 4 ڄڻا دٻجي ويا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*