ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڊيل بينڪنسٽين چيو آهي ته پهرين ٽِيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ڀارتي بالرز سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي

1st-Test,-India-tour-of-South-Africa-at-Cape-Town-612018

ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ڊيل بينڪنسٽين چيو آهي ته پهرين ٽِيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ڀارتي بالرز سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي ۽ اميد آهي ته ٻين اننگ ۾ ٽيم جا بيٽسمين سٺي پرمارمنس جو مظاهرو ڪندا.

ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ٽِيسٽ ميچ جاري آهي ۽ ميزبان ٽيم 286رنز جي اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ ايب ڊي ويليئرز 65۽ڪپتان فاف ڊيو پليسي 62رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته جنهن وقت ڀارتي بالرز سندن بيٽسمين کي آئوٽ ڪيو ته سندس دل ۾ خيال آيو ته ٽيڪسي ڪري گهر هليو وڃي، پر ايب ڊي ويليئرز ۽ فاف ڊيو پليسي جي بيٽنگ ٽيم جو ٽوٽل بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي بيٽسمينن کي جلدي آئوٽ ڪرڻ ۾ بالرزاهم ڪردار ادا ڪندا.

واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهرين اننگ ۾ 286رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ت ڀارتي ٽيم جا 3 بيٽسمين 28رنز تي آئوٽ ٿي پويلينز واپس ٿيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*