ٽنڊي ڄام ويجهو اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺاڻي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کانئس موٽر سائيڪل، پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا

tando jam hathyar ban

ٽنڊي ڄام ويجهو اڻڄاتل هٿياربند ڳوٺاڻي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد کانئس موٽر سائيڪل، پئسا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڳوٺاڻن ڦر واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخي آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.

شيخ ڀرڪيو روڊ تي سخي آباد اسٽاپ وٽ اڻڄاتل هٿيار بندن ڳوٺ موسيٰ خان پتافي جي رهواسي پارس پتافي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پئسا، موٽر سائيڪل، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦرڪري آساني سان فرار ٿي ويا.

 اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن سخي آباد روڊ تي رڪاوٽون وجهي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙڳوٺاڻن دانهيندي ٻڌايو ته بدامني وڌي وئي آهي، پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*