پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 61رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

NZ-VS-Pak-Cricket-2018

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت  61رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ کيڏي ويل پهرين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.

ميزبان ڪيوي ٽيم ڪپتان ڪين وليمسن جي شاندار 115رنز جي اننگ سبب مقرره 50 اوورس ۾ست وڪيٽن جي نقصان تي 315رنز اسڪور ڪيون.

نيوزيلينڊ پاران ڪين وليمسن 115، ڪالن منرو 58، نڪولس 50 ۽ مارٽن گپٽل 48رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

قومي ٽيم پاران حسن علي 3، جڏهن ته محمد عامر، رومان روئيس، فهيم اشرف ۽فخرزمان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

قومي ٽيم جي بيٽسمينن نيوزيلينڊ پاران گهربل ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون، پر هو ناڪام رهيا،  اظهر علي 6، بابر اعظم ٻڙي، محمد حفيظ هڪ، شعيب ملڪ 13، ڪپتان سرفراز احمد 8، شاداب خان 28 اسڪور ڪري آئوٽ ٿيا.

پاڪستان جو اسڪور جڏهن 6 وڪيٽن جي نقصان تي 166رنز هو ته برسات سبب ميچ کي روڪيو ويو، پر مسلسل تيزبرسات سبب ميچ شروع نه ٿي سگهي، جنهن سبب ميزبان ٽِيم کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 61رنز فاتح قرار ڏنو ويو.

فخرزمان 82 ۽ فهيم اشرف 17رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا.

نيوزيلينڊ  پاران ٽم سائوٿي 3، ٽرينٽ بولٽ 2 ۽ٽڊ آسٽل هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ڪين ويلمسن کي شاندار سنچري اسڪور ڪرڻ مين آف دي ميچ جي ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*