مٺي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٻن واپاري ڀائرن دليپ ۽ چندر مهيشوري جي قتل خلاف ٿر جي شهرن مٺي

umer kot mithi

مٺي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ٻن واپاري ڀائرن دليپ ۽ چندر مهيشوري جي قتل خلاف ٿر جي شهرن مٺي ، ڇور ۽ چيلار ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به شهرين شٽربند هڙتال ڪري مختلف هنڌن تي ڌرڻا هڻي احتجاج ڪيو، شهرين جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

مٺي ۾واپاري ائسو سيئشن جي سڏ تي شهرين سمورو ڪارو بار بند ڪري اسلم قائم خاني ، سيٺ آسنداس ۽ سنيل ساڌواڻي جي اڳواڻي ۾ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي،

ڇور ۾به شھري اتحاد جي سڏ تي شهرين شٽر بند ھڙتال ڪري جمال الدين نھڙي، ڪائونسلر جئه شنڪر مھيشوري، رانجھن ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ريلوي ڦاٽڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

چيلھار ۾ واپارين ٻئي ڏينهن به ڪاروبار مڪمل طور بند ڪري روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھڪ سازش تحت سنڌ جي پر امن شھر ۾ واپارين کي نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو آھي.

هنن چيو ته واپاري دليپ مهشوري ۽ چندر مهيشوري جي قاتلن جي گرفتاري تائين ڪاروبار بند رکي احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*