سپريم ڪورٽ پنجاب جي سمورين اسپتالن جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس کان حلفي بيان طلب ڪري ورتا

Supreme-Lahore-rigistry-28716

سپريم ڪورٽ پنجاب جي سمورين اسپتالن جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس کان حلفي بيان طلب ڪري ورتا، چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جي صورتحال بهتر نه ٿي ته اورينج لائين ۽ ٻين ترقياتي رٿائن تي ڪم روڪي سگهون ٿا، اسپتالن ۾ مفت دوائون نه ٿيون ملن، پنجاب سرڪار اشتهارن تي وڏيون رقمون خرچ ڪري پئي

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي فيسن ۾ واڌ ۽ سرڪاري اسپتالن جي خراب حالت سميت مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سمورن ميڊيڪل ڪاليجز جي مالڪن ۽ سي اي اوز کان ڪاليجز جي عمارتن، فيسن، اسٽرڪچر ۽ ليب جي سهولتن بابت حلفي بيان ورتو.

پنجاب ۾ سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب ٿيڻ تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون به نه پيون ملن، هڪ اسپتال جي اهڙي حالت هئي جو مريض کي ٽانڪو لڳائڻ لاءِ ڌاڳو به نه هو.

چيف جسٽس، پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته سرڪاري اسپتالن جي آڊٽ رپورٽ ۽ فراهم ڪيل دوائن جي معلومات جي حوالي سان حلفي بيان جمع ڪرائن، جڏهن ته حياتيون بچائيندڙ دوائن جي موجودگي جي رپورٽ به جمع ڪرائي وڃي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سرڪاري اسپتالن جون حالتون بهتر بڻائڻ بابت پاليسي ٺاهي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

چيف جسٽس سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن جي دوري لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ سينيئر ڊاڪٽرز ۽ وڪيل شامل هوندا.

عدالت سرڪاري اسپتالن جي صورتحال تي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽس جو حلفي بيان به طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته صحت جون سهولتون شهرين جو بنيادي حق آهي، صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، نوٽيس جو مقصد ايڪشن وٺڻ نه آهي، اسپتالن کي بهتر بڻائڻو پوندو.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ته جيڪڏهن تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ ڪم نه ٿيو ته اورنج لائن سميت سمورن ترقياتي منصوبن کي روڪيو ويندو.

عدالت چيو ته شام جي وقت سرڪاري اسپتالن جا ڊاڪٽر خانگي ڪليڪن ڏانهن وڃن ٿا، ڊاڪٽر پنهنجون ڪلينڪس بند ڪن ۽ انهن تي لکن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مصروف آهن.اڄ ڪليڪس نه هلنديون، جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته ڪلينڪس به بند ڪري ڇڏينداسين.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنجاب سرڪار کان اشتهار ڏيڻ بابت خرچ جو به رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته مفت دوائون نه ملي رهيون آهن ۽ سمورا پيسا اشتهارن تي خرچ ڪيا پيا وڃن.

چيف جسٽس چيو ته پنجاب سرڪار پنهنجي اشتهارن تي ڪروڙين رپيا اشتهارن جي مد ۾ خرچ ڪري رهي آهي، ٽي وي چينلز تي پنهنجي مشهوري بدران اسپتالن ۾ دوائون فراهم ڪيون وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*