ن ليگ اڄ سرگوڌا ويجهو ڪوٽ مومن ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

nawaz sharef

ن ليگ اڄ سرگوڌا ويجهو ڪوٽ مومن ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا،اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

ن ليگ پاران عوامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪوٽ مومن ۾ جلسي لاءِ ميدان سجائي ورتو آهي.

جلسي گاهه جي سڪيورٽي لاءِ 30 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

جلسي لاءِ  20 فوٽ ويڪرو ۽ 40 فوٽ ڊگهو اسٽيج تيار به ڪيو ويو آهي، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف ۽ ن ليگ جا ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*