پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ چڪوال ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

imran khan chakwal

پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ چڪوال ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ جلسي کي خطاب ڪندا.

پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان اڄ پنجاب جي شهر چڪوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

جلسو تڪ پي پي 20 ۾  9 جنوري تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار راجا طارق افضل جي چونڊ مهم جي حوالي سان ڪيو پيو وڃي.

چڪوال جي علائقي مريد ۾ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهر کي پارٽي جي جهنڊن سان سجايو ويو آهي.

جلسي گاهه ۾ اسٽيج به تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنڊال کي پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي،

جلسي گاهه ۾ 12 هزار کان وڌيڪ ڪرسيون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*