احتساب عدالت، شرجيل ميمڻ کي علاج جي سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪندي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ کي 15 ڏينهن اندر علاج جون رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

Sharjeel-Memon-141217

احتساب عدالت، شرجيل ميمڻ کي علاج جي سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪندي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ کي 15 ڏينهن اندر علاج جون رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

شرجيل ميمڻ کي طبي سهولتون ڏيڻ بابت درخواست معاملي تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪئي.

عدالت رپورٽ جي سفارش تي شرجيل ميمڻ کي علاج سهولت ڏيڻ جي هدايت ڪندي ميڊيڪل بورڊ کي 15 ڏينهن اندر رپوٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

ميڊيڪل بورڊ، رپورٽ ۾ شرجيل ميمڻ لاءِ جيل ۾ طبي سهولتون اڻپوريون قرار  ڏيندي ڄاڻايو ته بورڊ جو اجلاس 20 ڊسمبر تي جناح اسپتال ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ جيل ۾ طبي سهولتون اڻپوريون ڏٺيون ويون.

ميڊيڪل بورڊ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي ته شرجيل ميمڻ کي مناسب علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي.

عدالت بورڊ جي سفارشن تي شرجيل ميمڻ جي علاج جو حڪم ڏيندي رپورٽون 15 ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*