آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته هن ڪڏهن به صدر ٽرمپ کي ذهني مريض نه سمجهيو آهي

racks tellorson

آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن چيو آهي ته هن ڪڏهن به صدر ٽرمپ کي ذهني مريض نه سمجهيو آهي، صدر ٽرمپ ماضي جي آمريڪي صدرن جيئن ناهي، اهو اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن وٽ اهڙو ڪو به سبب ناهي جو هو امريڪي صدر ٽرمپ جي ذهني صلاحيت تي سوال ڪري.

هن چيو ته هڪ سال دوران صدر ٽرمپ سان تعلقات مضبوط ٿيا آهن ۽ هڪ سال ۾ گهڻو ڪجهه سکيو آهي.

 هن جو چوڻ هو ته هو صدر ٽرمپ جي مزاج کي چڱيءَ طرح سمجهي ويو آهي ۽ هن سان ڪيئن پيش اچڻو آهي ان جو اندازو کيس ٿي ويو آهي.

 آمريڪي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ٽرمپ ماضي جي آمريڪي صدرن جيئن ناهي ۽ اهو اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*