وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي مقابلو ڪرڻو آهي ته چونڊن ۾ اچي مقابلو ڪن

pm

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي مقابلو ڪرڻو آهي ته چونڊن ۾ اچي مقابلو ڪن، اضافي گيس فراهم ڪرڻ بنا مسئلا حل نه پئي ٿي سگهيا، ايل اين جي منصوبو پاڪستان کي ترقي ڏيڻ ۽ توانائي جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جيڪڏهن اسان گيس جو مسئلو حل نه ڪيون ها ته بجلي جو مسئلو حل نه ٿئي ها،

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صادق آباد ۾ اين ايل جي، جي فراهمي واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران واري مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته نواز ليگ اها جماعت آهي ۽ نوازشريف اهو ليڊر آهي جنهن واعدو نه پر ڪم ڪري ڏيکاريو، هن پنهنجي دور ۾ منصوبا شروع ڪيا ۽ انهن کي مڪمل  به ڪيو.

وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو تنقيد ڪن ٿا، انهن کي چيلنج ڪيان ٿو ته اهي پنهنجي دور جو هڪ منصوبو به ڏيکارين، اسان ڪيترائي منصوبا ڏيکاري سگهون ٿا.

هن چيو ته جولاءِ ۾ چونڊون ٿيندو ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، جنهن کي مقابلو ڪرڻو آهي، اهو چونڊن ۾ اچي مقابلو ڪري.

شاهد خاقان عباسي چيو ته ان کان اڳ به حڪومتون رهيون آهن، ڇا اسان کي به ايئن ڪرڻو هيو، اڄ ايترا منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن، جن جي مدت ختم ٿي وئي هئي، هر هفتي هڪ ميگا منصوبي جو افتتاح ڪجي ته ان لاءِ به وقت گهٽ آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ 580 ڪلو ميٽر موٽر وي ٺهيو، جيڪو مسلم ليگ ٺاهيو، ان کان پوءِ ڪجهه به نه ٿيو.

وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته 1800 ڪلو ميٽر موٽر وي ٺهيو،

هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ به سال ۾ 250 ڪلو ميٽر موٽر وي نه ٿو ٺهي سگهي، اسان 1800 ڪلو ميٽر موٽر وي ٺاهيو، جنهن سان ملڪ کي هميشه لاءِ ترقي ملندي.

شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ ملڪ ۾ ڪوبه ڪارخانو لڳائڻ هجي ته ان لاءِ گيس دستياب آهي، موجوده حڪومت هڪ ڪنيڪشن به سفارش تي ناهي ڏنو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*