ڀارتي اخبار پنهنجي ڳجهي ايجنسي”را“ جي ڪرتوتن کي وائکو ڪري ڇڏيو، ڀارتي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته ڪلڀوشن کي ”را“ جي وڏي آفيسر مقرر ڪيو هو

khulboshan yadaf

ڀارتي اخبار پنهنجي ڳجهي ايجنسي”را“ جي ڪرتوتن کي وائکو ڪري ڇڏيو، ڀارتي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته ڪلڀوشن کي ”را“   جي وڏي آفيسر مقرر ڪيو هو، ڀارت جي پت وائکي ٿي ته خبر کي فوري هٽايو ويو،”را“ جا 2 آفيسر ڪلڀوشن جي پاڪستان ۾ مقرري جا مخالف هئا، سندس والدين کي زبان بند رکڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون.

ڀارتي اخبار پنهنجي ڳجهي ايجنسي “را” جي ڪرتوتن کي وائکو ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته ڪلڀوشن کي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ ڀرتي ڪيو ويو هو.

ڀارتي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن “را” جي ايجنٽ ۽ جاسوس طور ڪم ڪندو هو. کيس “ را” جي وڏن آفيسرن ڀرتي ڪيو هو.

ڀارتي اخبار موجب، ڪلڀوشن جي مقرري تي “را” جي ٻن اعليٰ آفيسرن کي خدشا هئا، ڇاڪاڻ ته سندس مقرري بنيادي اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو هو.

ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي ته ڪلڀوشن جي جاسوس طور پاڪستان ڪم ڪرڻ تي ٻنهي اعليٰ آفيسرن مخالفت ڪئي هئي.

رپورٽ موجب، ايران، پاڪستان ڊيسڪ تي ڪم ڪندڙ ڀارتي آفيسرن جي مقرري ۾ سهڪار ثابت ٿيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته “را” جي سربراهن موجب، ڪلڀوشن پاڪستان ۾ جاسوسي جي اهليت نه رکندو هو، هو حرڪتن سبب پڪڙيو ويو.

ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي ته ڪلڀوشن ياديو جي والدين کي زبان بند رکڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*