ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي عورت ڪائونسلر ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويو

ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي عورت ڪائونسلر ۽ سندس ڊرائيور مارجي ويو، جن جو قتل پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي.

صالح محمد ڳوٺ ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي ڪائونسلر الهبچائي ۽ سندس ڊرائيور پيرو مارجي ويا.

مارجي ويل پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ڪائونسلر ۽ سندس ڊرائيور جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي ڄڻن جي قتل جو ڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*