پنجاب جي علائقي لاهور ۾ زبون حالي سبب 3 ماڙ عمارت جي ڇت ڪري پئي

lahore ghar ki chaht

پنجاب جي علائقي لاهور ۾ زبون حالي سبب 3 ماڙ عمارت جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي وياوڏي وزير شهبازشريف واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

رات دير سان لاهور ۾ وزير خان مسجد ويجهو زبون حالي سبب 3 ماڙ عمارت جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ غلام عباس، سندس گهرواري سميت چار ڄڻا دٻجي ويا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي ملبي هيٺان دبجي ويل ٻن ٻارڙن جا لاش ٻاهر ڪڍيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو.

ريسڪيو ذريعن موجب، عمارت جي ڇت زبون حالي سبب ڪري آهي، جنهن جي ملبي کي هٽايو پيو وڃي.

ٻي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪندي زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي  آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*