وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ بهترين ۽ وڌيڪ ترقي جا ذريعا موجود آهن

cm in NED

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ بهترين ۽ وڌيڪ ترقي جا ذريعا موجود آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ترقياتي ڪمن ۽ ٿر جي منصوبن لاءِ قابل انجنيئرز جي ضرورت آهي.

ڪراچي ۾ اين اِي ڊي يونيورسٽي ۾ 26هين ڪانووڪيشن واري تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته شاگردي وقت پوليس سان بدتميزي ڪرڻ تي دوستن سان گڏ ٿاڻي تي بند ٿيو پر يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرز ٿاڻي تي اچي کين آزاد ڪرايو.

مراد علي شاهه شاگردن کي نصيحت ڪندي چيو ته شاگرد والدين جي خدمت ڪرڻ سان گڏ استادن جو به احترام ڪن ۽ گڏ تعليم حاصل ڪندڙ دوستن سان هميشه رابطي ۾ رهن.

هن چيو ته ساڻس گڏ انجنيئرنگ ڪندڙ دوست پرڏيهه ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ بهترين ۽ وڌيڪ ترقي جا ذريعا موجود آهن ۽ ڪراچي جي ترقياتي ڪمن ۽ ٿر جي منصوبن لاءِ قابل انجنيئرز جي پڻ ضرورت آهي.

اين اِي ڊي يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ 1812 شاگردن کي تعليمي سرٽيفڪيٽس ڏنا ويا، جنهن ۾ 1658 بيچلرز ۽ 152 ماسٽرز پروگرام جا شاگرد شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*