بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور شادي جو فيصلو ڪري ورتو، ميڊيا موجب سونم ڪپور ايندڙ اپريل ۾پنهنجي بزنس مين دوست آنند آهوجا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ٻڌجي ويندي

sonam kapoor

بالي ووڊ اسٽار سونم ڪپور شادي جو فيصلو ڪري ورتو، ميڊيا موجب سونم ڪپور ايندڙ اپريل ۾پنهنجي بزنس مين دوست آنند آهوجا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ٻڌجي ويندي.

اداڪارا ڪافي عرصي کان بزنس مين آنند آهوجا سان دوستي جي سبب خبرن جو موضوع بڻيل آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

ميڊيا موجب هاڻي ڪپور خاندان مان ايندڙ خبرن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، اداڪارا جي ويجهن دوستن موجب سونم ڪپور هن سال اپريل ۾ شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، شادي تقريب ڀارتي رياست راجستان جي تاريخي شهر جوڌپور ۾ ٿيندي، جنهن ۾ خاندان جا ويجها فرد ۽ ڪجهه دوست شريڪ هوندا.

اداڪارا سونم ڪپور يا ان جي ڪٽنب پاران شادي جي خبرن بابت ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪپور خاندان شادي جي تيارين کي ڳجهو رکڻ چاهي ٿو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*