مٺي ۾ٻن واپاري ڀائرن جي قتل خلاف واپارين ٽين ڏينهن به احتجاج طور پنهنجو ڪاروبار بند رکي شٽر بند هڙتال ڪئي

mithi hartal

مٺي ۾ٻن واپاري ڀائرن جي قتل خلاف واپارين ٽين ڏينهن به احتجاج طور پنهنجو ڪاروبار بند رکي شٽر بند هڙتال ڪئي، جڏهن ته خاطرين باوجود قاتل گرفتارنه ٿيڻ تي شهرين ٻيهر ڌرڻو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

مٺي جي ٻن واپاري ڀائرن دليپ ۽ چندر مهيشوري جي قتل خلاف  واپاري ائسوسيئشن جي سڏ تي شهر ۾مک مارڪيٽ سميت سمورو ڪاروبار لاڳيتو ٽين ڏينهن به بند رکي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

جڏهن ته شهرين پ پ ايم پي اي جي خاطرين باوجود قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي ٻيهرڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي  ڪالهه ڌرڻو ختم ڪرايو هو، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.

شهرين مطالبو ڪيو ته قاتلن کي بنا دير جي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*