پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جي منزل ماڻڻ اسان جو مشن آهي

Shahbaz-Sharif-111017

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو آهي ته خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جي منزل ماڻڻ اسان جو مشن آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ بابت حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي مضبوط معاشي پاليسين سبب قومي معيشت ۾ بهتري آئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف سان وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شهبازشريف چيو ته خودمختيار ۽ خوشحال پاڪستان جي منزل ماڻڻ اسان جو مشن آهي،

هن چيو ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي،

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته حڪومت جي مضبوط معاشي پاليسين سبب قومي معيشت ۾ بهتري آئي آهي،

شهباز شريف چيو ته اثرائتي ترقياتي حڪمت عملي سبب معاشي ۽ تجارتي سرگرمين کي هٿ ملي،

ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل چيو ته اندروني ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري وڌڻ سبب روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن،

مفتاح اسماعيل چيو ته پنجاب جي وڏي وزير صوبي جي ترقي لاءِ مثالي قدم کنيا آهن، جنهن سبب اڄ پنجاب تجارتي ۽ اقتصادي سرگرمين جو حب بڻجي چڪو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*