بالي ووڊ اسٽار بپاشا باسو پنهنجي 39 هين سالگرهه اڄ ملهائي رهي آهي

bipasha-basu-marathon

بالي ووڊ اسٽار بپاشا باسو پنهنجي 39 هين سالگرهه اڄ ملهائي رهي آهي، فلمي ستارن ۽ ويجهن دوستن پاران کيس جنم ڏينهن تي واڌايون ڏنيون پيون وڃن.

7 جنوري 1979ع تي نئين دهلي ۾ اک کوليندڙ بپاشا باسو ڪيريئر جو ماڊلنگ کان آغاز ڪيو.

 بالي ووڊ ۾ قدم رکندي ئي هن سپر هٽ فلمون ڏيڻ شروع ڪيون،  ٿوري ئي عرصي ۾هن جو شمار فلم انڊسٽري جي پهرين صف وارين اداڪارائن ۾ ٿيڻ لڳو.

بالي ووڊ ۾ هن جي پهرين فلم اجنبي هئي پر شهرت جي بلندين تي کيس راز فلم پهچايو.

ڌوم ٽو، نو انٽري، ريس سميت ٻين فلمن ۾ هن جي اداڪاري کي ساراهيو ويو.

بپاشا باسو هندي کان سواءِ تامل، بنگالي ۽ تلگو زبانن ۾ به اداڪاري ڪئي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*