سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي، سرڪاري ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي خانگي ڪلينڪز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي

sikandar mandhro health minister

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي، سرڪاري ۽ عطائي ڊاڪٽرن جي خانگي ڪلينڪز خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته ڪجهه سرڪاري ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندڙ مريضن کي خانگي اسپتالن جو ڏسو پتو ڏئي غريب عوام کي دربدر ڪن ٿا.

سڪندر مينڌرو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سرڪاري ۽ عطائي ڊاڪٽرن جون خانگي ڪلينڪز بند ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سڪندر مينڌرو چيو ته سرڪاري ڊاڪٽرن پنهنجون خانگي ڪلينڪز بند نه ڪيون ته انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، عطائي ڊاڪٽرن کي به ڪلينڪز هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هن چيو ته ڪجهه ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ مريضن کي خانگي اسپتالن ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏئي کين دربدر ڪن ٿا، جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي علاج لاءِ بهتر سهولتون موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*