بلوچستان جي وڏي وزير خلاف 9 جنوري تي ايندڙ بي اعتمادي رٿ روڪڻ لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته

nawaz shareef

بلوچستان جي وڏي وزير خلاف 9 جنوري تي ايندڙ بي اعتمادي رٿ روڪڻ لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته بلوچستان جي وڏي وزير خلاف تحريڪ عدم اعتماد اچڻ سازش آهي، جيڪا سينيٽ جون چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي، عوامي مينڊيٽ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به غير جمهوري رويي کي قبول نه ڪيو ويندو.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان جاتي امرا ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مشهور بلڊر ملڪ رياض ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير خلاف ايندڙ بي اعتمادي رٿ ۽ ملڪ جي موجوده صورتحال سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري بي اعتمادي رٿ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ نوازشريف سان فون تي رابطو ڪري مدد گهري ورتي.

ان موقعي تي  نوازشريف چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير خلاف تحريڪ عدم اعتماد اچڻ سازش آهي، جيڪا سينيٽ جون چونڊون روڪرائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي،

نوازشريف چيو ته عوامي مينڊيٽ اسان جي پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به غير جمهوري رويي کي قبول نه ڪيو ويندو.

وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته پاڪستان قربانيون ڊالر لاءِ نه پر امن لاءِ ڏنيون آهن،

هن چيو ته حڪومتي قدمن سبب دهشتگردي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، حڪومت پنهنجو مدو پوري ڪندي.

واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان مولانا فضل الرحمان به ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران مولانا فضل الرحمان به نوازليگ قيادت کي مطمئن ڪندڙ موٽ نه ڏني،

بلوچستان جي وڏي وزير خلاف 9 جنوري تي ايندڙ بي اعتمادي رٿ روڪڻ لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*