ڪراچي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پاران حد دخلين کي هٽائڻ لاءِ سروي مڪمل ڪيو ويو آهي

anti enchrochment

ڪراچي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پاران حد دخلين کي هٽائڻ لاءِ سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ جو چوڻ آهي ته هزارين حددخليون آهن، 4 مرحلن ۾ آپريشن ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سڪيورٽي فورسز جي به ضروت پوندي.

ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته حددخلين خلاف آپريشن لاءِ ڪينٽ اسٽيشن کان لانڍي تائين سروي مڪمل ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته هزارن جي تعداد ۾ گهر ۽ ٻيون حددخليون قائم ٿيل آهن، جن کي هٽائڻ لاءِ  4 مرحلن ۾ آپريشن ڪيو ويندو.

ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ چيو ته سيڪيورٽي فورس کانسواءِ آپريشن ممڪن ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*