کڏڙي ۾ شهرين نئين سر تعمير ٿيندڙ روڊ ۾ ناقص مٽيريل سامان استعمال ڪرڻ ۽ وقت تي ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪيو آهي

khadro road pooro na thyan khlaf ahtjaj

کڏڙي ۾ شهرين نئين سر تعمير ٿيندڙ روڊ ۾ ناقص مٽيريل سامان استعمال ڪرڻ ۽ وقت تي ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪيو آهي.

شهرين دلاور ٽالپر، غلام حيدر، يار محمد ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سانگهڙ_نوابشاهه روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته کڏڙو ۾ روڊ جو ڪم غير معياري ڪيو پيو وڃي، ھاءِ وي جا آفيسر پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آھن نيئن ٺھندڙ  روڊ ۾  ھيئنر ئي کڏا پئجي ويا آھن.

هنن چيو ته ھڪ سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪم مڪمل ناھي ٿيو ۽ نه ئي روڊ  ويڪرو ڪيو پيو وڃي.

 ھنن اعليٰ  اختيارين  کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي وقت تي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*