پيپلزپارٽي نوازشريف کي مڪافات عمل جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور احمد چيو آهي ته

chodhary manzor

پيپلزپارٽي نوازشريف کي مڪافات عمل جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي ترجمان چوڌري منظور احمد چيو آهي ته نوازشريف جيڪو پوکيو اهو ئي لُڻي رهيو آهي، متحرمه کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيندڙ نوازشريف اڄ انهن ئي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي، نظرياتي جي سياست رڳو پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي، جيڪا پنج ڏهاڪن کان عتاب جي باوجود زندهه آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري منظور احمد چيو ته نوازشريف جيڪو پوکيو اهو ئي لُڻي رهيو آهي،

هن چيو ته متحرمه کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيندڙ نوازشريف اڄ انهن ئي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي،

پيپلزپارٽي جي ترجمان چيو ته مڪافات عمل ڏسو هاڻ لاڏلو عمران خان لاڏلي نوازشريف کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي رهيو آهي،

هن چيو ته تاريخ جو وڏو الميو آهي جو هڪ لاڏلو ڪنهن ٻئي کي لاڏلو چئي رهيو آهي، هاڻ جهيڙو رڳو لاڏلي جو نه پر انوکي لاڏلي بڻجڻ جو  آهي،

ترجمان چيو ته هاڻ جهيڙو اهو آهي ته انوکو لاڏلو ڪير ٿيندو؟  جنهن کي کيڏڻ لاءِ اقتدار جو چنڊ ملندو،

هن چيو ته لاڏلن جي سياست نظرياتي نه پر ڪلهن ۽ لٺن جي محتجاج هوندي آهي، جنهن ڏينهن ڪلها ۽ لٺيون هٿن کان کسڪي ويون ته لاڏلا انڌن جيان وچ روڊ تي بي يار و مددگار نظر ايندا،

چوڌري منظور چيو ته نظرياتي سياست رڳو پيپلزپارٽي ڪري رهي آهي، جيڪا پنج ڏهاڪن کان عتاب جي باوجود زندهه آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*