عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه شاهي سيد چيو آهي ته شادي عمران خان جو حق آهي پر روحاني شصيت تي نظر رکڻ بهتر نه آهي

shahi sayed

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه شاهي سيد چيو آهي ته شادي عمران خان جو حق آهي پر روحاني شصيت تي نظر رکڻ بهتر نه آهي، عمران خان جو فوري چونڊون ڪرائڻ وارو بيان غير جمهوري آهي، ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به حق ۾ نه آهي،

حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهي سيد چيو ته شادي عمران خان جو حق آهي پر روحاني شصيت تي نظر رکڻ بهتر نه آهي،

هن چيو ته عمران خان پاڻ چاهي ٿو ته سندس ذاتي زندگي جو ميڊيا ۾ ذڪر ٿئي،

شاهي  سيد چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بهتري رڳو سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهي آهي،

هن چيو ته عمران خان جو فوري چونڊون ڪرائڻ وارو بيان غير جمهوري آهي، ملڪ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪنهن جي به حق ۾ نه آهي،

اي اين پي سربراهه چيو ته پرڏيهي پاليسي تي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي،

هن چيو ته ادارن کي هڪ ٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، اسان ملڪ ۾ جمهوريت کي ڏسڻ چاهيون ٿا،

شاهي سيد چيو ته سنڌ جو اڳوڻو گورنر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ها ته 12 مئي سانحو پيش نه اچي ها……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*