جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران جهنڊو ساڙڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

jacobabad jui protest

جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ پاران جهنڊو ساڙڻ واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ مولانا عبدالجبار رند جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري  ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه شرپسند هڪ سازش تحت شهر جو پرامن ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا.

هنن چيو ته انتظاميه جوابدارن جي گرفتاري لاءِ رڳو خالي دلاسا ڏئي رهي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته جي يو آءِ جو جهنڊو ساڙڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*