واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن لاڙڪاڻي ۽ سکر ريجن جي مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري ڌرڻا هنيا

واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن پاران ملڪگير احتجاج شروع ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي ۽ سکر ريجن ۾ مختلف شهرن ۾ آفيسن جي تالا بندي ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن، ڪمپيوٽر سينٽرز بند ڪري بلز جي رِڪوري بند ڪئي وئي آهي.

واپڊا کي خانگائڻ واري امڪاني فيصلي خلاف واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ڪمپني جي سڏ تي ٽن ڏينهن وارو احتجاج شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب واپڊا آفيسن اندر ڪارنهوار معطل آهي.

لاڙڪاڻي ۽ سکر ريجن ۾ ڪمپيوٽر سينٽرز بند هجڻ سبب بلز جي رڪوري وارو عمل بند ٿي ويو آهي.

حيدرآباد ۾ هائيڊرو يونين جي اڳواڻن ۽ ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري عبدالطيف نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدر چوڪ کان حيسڪو آفيس تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري پراڻي پاور هائوس آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي آهي.

ڪنڌ ڪوٽ ۾ اصغر بجاراڻي يونس ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن آفيسن کي تالا هڻي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مٺي ۾ به ملازمن ڪم جو بائيڪاٽ ڪري ٽن ڏينهن واري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي  آهي، جڏهن ته ملازمن غلام رسول راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ٽنڊو محمد خان ۾ ٽن فيڊرز مان هڪ فيڊر  فني خرابي سبب بند هجڻ ڪري شهر جي اڌ آبادي کي بجلي جي فراهمي معطل آهي.

شهرين موجب، واپڊا ملازم احتجاج تي هجڻ ڪري فيڊرز جي مرمت نه ٿي آهي، جڏهن ته واپڊا جي امڪاني نجڪاري واري فيصلي خلاف ملازمن پاران آفيسن جي تالا بندي ڪئي وئي آهي.

جيڪب آباد، عمرڪوٽ، مورو، دادو، بدين، ڏهرڪي، نئونڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه، شهداد پور، سڪرنڊ، ٺل، سيوهڻ، قاضي احمد، سيٺارجا، ڪوٽ غلام محمد، سنڌڙي،ميهڙ، سامارو، ڊگهڙي، جوهي  ۽ راڻيپور سميت مختلف شهرن ۾ ملازمن آفيسن کي تالا هڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

احتجاج ڪندڙ ملازمن جو چوڻ آهي ته حڪومتي جي ناڪاه پاليسن ڪري ادارا نقصان ۾ وڃي رهيا آهن، واپڊا کي خانگائڻ سان بجلي وڌيڪ مهانگي ٿيندي ۽ ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويندو.

واپڊا ملازمن  جو چوڻ هو ته واپڊا کي خانگائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*