چين ۾ مسافر بس حادثي جو شڪار، نتيجي ۾ 20 مسافر فوت ، 13 زخمي ٿي پيا

چين ۾ مسافر بس سان حادثي جي نتيجي ۾ 20 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 13 زخمي ٿي پيا، حادثي بعد فوري طور امدادي سرگرميون شروع ڪري زخمين کي اسپتال پهچايو ويو.

چيني صوبي هَنان جي شهر لـِنزهـُو ۾ مسافر بس اونهي کاهي ۾ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ 20 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اختيارين موجب مسافر بس ۾ هڪ ٿيئٽر گروپ سوار هو، فوتين ۾ فنڪار شامل آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگهيا، ان ڏس ۾ جاچ هلندڙ آهي.

واضح رهي ته چين ۾ روڊ حادثا هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهن، جنهن ۾ هر سال ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*