قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ منصوبابندي تحت حڪومت لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون پيون وڃن

Rana-sanaullah-261017

قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ منصوبابندي تحت حڪومت لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون پيون وڃن، دشمن قوتون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ترقي نه ڪري پر اسان کي ان جي پرواهه نه آهي،

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پوڻا پنج سالن کان حڪومت لاءِ ڏکيائون پيدا ڪيون ويون.

هن چيو ته نواز ليگ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو ۽ ملڪ ۾ 80 سيڪڙو دهشتگردي ختم ڪئي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته 2018ع ۾ عوام ووٽ جي طاقت سان فيصلو ڪندو ته اهي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ طاقتن جو ساٿ ڏيندا يا ترقي جو ؟

هن چيو ته اسان ملڪ ۾ سي پيڪ ۽ موٽروي جا منصوبا ڏنا آهن،

راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪ عدل ڪنهن جي خلاف نه آهي، اسان ملڪ ۾ اهڙو نظام آڻڻ چاهيون ٿا، جتي عام شهري ايليٽ ڪلاس لاءِ قانون ساڳيو هجي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*