سلمان خان جي بگ باس سيزن اليون جو فائنل 14 جنوري تي ٿيندو

salman khan

سلمان خان جي بگ باس سيزن اليون جو فائنل 14 جنوري تي ٿيندو.

 ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ تڪراري شو بگ باس نه صرف پنهنجي تڪراري اسڪرپٽ جي ڪري مشهور آهي پر شو جي ميزبان اداڪار سلمان خان جي ڪري پنهنجو مثال پاڻ آهي، ان جو سيزن اليون پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.

 سلمان خان پاران ڪيل اعلان موجب شو جو فائنل 14 جنوري تي ٿيندو ۽ ان ڏينهن ئي ڪامياب اميدوار جو فيصلو ڪيو ويندو، جڏهن ته ووٽنگ جو عمل بند ڪيو ويو آهي.

 بگ باس گذريل سال پهرين آڪٽوبر کان 19 اميدوارن سان شروع ٿيو هو ۽ هاڻي صرف 6 اميدوار باقي آهن، 104 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي کٽيندڙ جي خبر پوندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*