پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نوازشريف اڄ به اسان جو ليڊر آهي، اڳواڻي وزيراعظم قوم سان جيڪو واعدو ڪيو

khuwaja asif

پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته نوازشريف اڄ به اسان جو ليڊر آهي، اڳواڻي وزيراعظم قوم سان جيڪو واعدو ڪيو، اهو پورو ڪنداسين، 28جولاءِ کانپوءِ ٿيندڙ خال کي شاهد خاقان کانسوءِ ڪير به نه پيو ڀري سگهي، مخالف سجمهن پيا ته اسان وکري وينداسين.

سيالڪوٽ ۾ ن ليگ جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته جيتري ترقي چئن سالن ۾ ٿي، اوتري 70 سالن ۾ به نه ٿي آهي، جنهن تيزي سان مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ان جو مثال نٿو ملي.

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي ڏکئي وقت ۾ عهدو جون ذميواريون سنڀاليون، جنهن وزارت عظميٰ، پارٽي ۽ملڪ کي بهتر انداز ۾ هلايو.

پرڏيهي وزير چيو ته مون کي شاهد خاقان عباسي پاران ٽيم جو حصو بڻجڻ تي فخر آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ ٽيم ئي فتح ٿيندي.

هن چيو ته دفاعي محاذ تي خطرا  آهن، اولهه ۽ اوڀر سرحد تي به خطرو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته سيالڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ هڪ سئو ارب رپين جو ڪم ٿي رهيو آهي. کاريان ۾ 40 ارب رپين جي لاڳت سان موٽر وي ٺاهيو ويندو.

خواجا آصف چيو ته حڪومت 1800 ڪلو ميٽر موٽروي بڻايو آهي، شهر جي صفائي لاءِ ڪارپوريشن کي فنڊ ملندا،

هن چيو ته سيالڪوٽ کي ايندڙ ٻن مهينن ۾ سئي گيس جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو.

خواجا آصف چيو ته 28جولاءِ کانپوءِ ٿيندڙ خال کي شاهد خاقان کانسوءِ ڪير به نه پيو ڀري سگهي، مخالف سجمهن پيا ته اسان وکري وينداسين…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*