يمن ۾ حوثي باغين سعودي اتحاد جي جهاز کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سعودي اتحاد جي ترجمان چيو ته جهاز فني خرابي سبب ڪِري تباهه ٿيو

yaman jahaz tabha

يمن ۾ حوثي باغين سعودي اتحاد جي جهاز کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سعودي اتحاد جي ترجمان چيو ته جهاز فني خرابي سبب ڪِري تباهه ٿيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب يمن جي صوبي ساعده ۾حوثي باغين خلاف ڪاروائي دوران سعودي سربراهي ۾اتحادي ملڪن جو جهاز ڪِري تباهه ٿيو آهي.

عرب اتحاد جي ترجمان تصديق ڪندي چيو ته جهاز فني خرابي جي نتيجي ۾ ڪِري تباهه ٿيو، واقعي ۾ ٻئي پائليٽ  زخمي ٿي پيا آهن، هنن کي فوري طور سعودي عرب منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حوثي باغين دعويٰ ڪئي آهي ته جهاز فني خرابي جي ڪري نه پر جوابي ڪاروائي ۾ڪِري تباهه ٿيو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*