اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي مهيني ۾ هڪ لک رپيا ڪمائيندڙ کان انڪم ٽيس نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي

nawaz shareef meet ismail

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل کي مهيني ۾ هڪ لک رپيا ڪمائيندڙ کان انڪم ٽيس نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان رائيونڊ ۾ ناڻي بابت صلاحڪار مفتاح اسماعيل ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران انڪم ٽيڪس سميت مختلف معاملن جون ڳالهيون ڪيون ويون.

نوازشريف  15 فيبروري 2018ع تائين اسڪسپورٽرز جا سيلز ٽيڪس سئو سيڪڙو ري فنڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

نوازشريف چيو ته انفرادي انڪم ٽيڪس ۾ فوري گهٽتائي آندي وڃي ۽ ان جي شرح ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي.

ميان محمد نوازشريف، مفتاح اسماعيل کي هدايت ڪندي چيو ته هڪ لک رپيا ڪمائيندڙ کان انڪم ٽيڪس نه ورتو وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته گيس جي اگهن ۽ جي آءِ ڊي سي کان صنعتڪار تمام گهڻو پريشان آهن. انهن ۾ فوري گهٽتائي آندي وڃي ته جيئن صنعتڪار ڏکڻ ايشِيا جي صنعتڪارن سان مقابلو ڪري سگهن.  ……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*