پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي حمايت سان ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اينداسين

bilwal suk

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ عوام جي حمايت سان ڪامياب ٿي اقتدار ۾ اينداسين، اقتدار ۾ اچي بي آءِ ايس پي پروگرام کي اڳتي وڌائينداسين.

سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو هو پنجاب وانگر ميٽرو بس سروس يا غربت جو خاتمو چاهين ٿا.

هن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ وومين پوليس اسٽيشن جهڙا ادارا قائم ڪيا آهن، جيئن عورتن کي پنهنجا حق ملي سگهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بي آءِ ايس پي مان 6 لک کان وڌيڪ خاندان فائدو وٺي رهيا آهن، بنا وياج جي قرض ڏئي عورتن جي  مالي مدد ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته پ پ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، پ پ ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ  جاکوڙي رهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جو سفر ملڪ ۾ ترقي جو سفر آهي، شهيد ذوالفقار ڀٽو پهريون ڀيرو بنيادي ۽ انقلابي سڌارا لاڳو ڪيا هئا.

هن چيو ته پ پ عورتن جي حقن لاءِقانونسازي ڪئي آهي، بي آءِ ايس پي اهڙو پروگرام آهي جنهن کي پوري دنيا مڃيندي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*