پنج ون ڊي ميچ تي ٻڌل سيريز جي ٻين ون ڊي ۾ به نيوزيلينڊ ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 8وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي

newzealand cricket

پنج ون ڊي ميچ تي ٻڌل سيريز جي ٻين ون ڊي ۾ به نيوزيلينڊ ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت پاڪستان کي ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت 8وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي واضح برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن ۾ کيڏي ويل ٻين ون ڊي ميچ ۾قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو.

پاڪستان جي ٽيم جا بيٽسمين هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيا ۽مقرره 50 اوروس ۾ 246رنز اسڪور ڪري سگهيا، جنهن ۾ محمد حفيظ 60، شاداب خان 52۽حسن علي 51رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيا.

ڪيوي ٽيم پاران فرگوسن 3، جڏهن ته ٽم سائوٿي۽ آسٽل ٻه-ٻه ۽ٽرينٽ بولٽ سان گڏ ساٽنر جي حصي ۾ هڪ-هڪ وڪِيٽ آئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن  اسڪور 14 اوورس ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 64 پهتو ته برسات سبب ميچ کي روڪيو ويو.

برسات بعد جڏهن  ميچ ٻيهر شروع ٿي ته ڊڪ ورٿ لوئيس قانون تحت نيوزلينڊ جي ٽيم کي 25اوورس ۾ 151رنز جو  ٽارگيٽ مليو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم گهربل ٽارگيٽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي ماڻي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ٽيم جي ڪاميابي ۾ مارٽن گپٽل 87 ۽ روز ٽيلر44 رنز اسڪور ڪري اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*