سنڌ جي راندين واري وزارت پاران سنڌ گيمز ايندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪرائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي

sindh gamesx

سنڌ جي راندين واري وزارت پاران سنڌ گيمز ايندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪرائن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق سنڌ گيمز ايندڙ مهيني سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ منقعد ڪيون وينديون.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سنڌ گيمز منعقد ڪرڻ لاءِ راندين واري صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز عباسي جي صدارت ۾ اڄ سنڌ اولمپڪ ايسوسيئشن  جي عهديدارن جي گڏجاڻي ٿي رهي آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سنڌگيمز ۾ مردن جون 30گيمز ۽گرلز جون 15راندين جا مقابلا شهر جي 15 گرائونڊز تي منقعد ڪيا ويندا.

واضح رهي ته پي پي پي جي گذريل حڪومت ۾ مسلسل پنج ڀيرا سنڌ گيمز منعقد ڪيون ڪيون ويون،جڏهن ته موجوده حڪومت ۾ ڪيترائي ڀيرا سنڌ گيمز ڪرائڻ ج اعلان ڪياويا، پر ايونٽ منعقد نه ٿي سهگيو،جنهن سبب سنڌجي ٽيئلنٽڊ رانديگر جي ڪارڪردگي سامهون نه اچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*