ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي

india vs south africa

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڀارت کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ڀارتي شهر ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ڏکڻ آفريڪا 286رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

ڏکڻ آفريڪا پاران ايب ڊي ويليئرز 65۽ ڪپتان فاف ڊيو پليسي 62رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

ڀارتي ٽيم پاران ڀونيشور ڪمار 4، ايشون2، جڏهن ته محمد شامي، بمراهه ۽پانڊيا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾ 209رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ پانڊيا 93رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو.

ڏکڻ آفريڪا پاران رباڊا۽فلينڊر 3-3، جڏهن ته مورني مورڪل ۽ڊيل اسٽين ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهرين اننگ ۾ 77رنز جي برتري حاصل ڪرڻ بعد ميزبان ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٻي اننگ سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو نه ڪري سگهي ۽صرف 130رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي،جڏهن ته ايب ڊي ويلئيرز 35،مارڪرام 34۽ايگر 25رنز جي اننگ کيڏي.

ڀارتي ٽيم پاران بمراهه ۽محمد شامي 3-3،جڏهن ته ڀونيشور ڪمار ۽پانڊيا ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڀارت ٽيم ڏکڻ افريڪا جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 208رنز جو آسان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 115رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح ڀارتي ٽيم کي 72رنز تان شڪست ملي نصيب ٿي.

ڀارتي ٽيم پاران ايشون 37۽ويرات ڪولهي 28رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم پاران فلينڊر 42رنز عيوض 6،جڏهن ته مورني مورڪل ۽رباڊا 2-2 وڪيٽون حاصل ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ورنر فلينڊر کي بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*